اپوزيشن ڪجهه به ڪري عمران خان اين آر او نه ڏيندو: عمران اسماعيل

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته اپوزيشن ڪجهه به ڪري عمران خان کين اين آر او نه ڏيندو، سڀني کي احتساب سان منهن ڏيڻو پوندو. سکر ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ طاهر شاهه سان ڏاڏي جي وفات تي تعزيت بعد سندس رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ملڪ ۾ ڪابه سياسي تبديلي نه پئي اچي، حڪومت پنجن سالن جو مدو پورو ڪندي ۽ مارچ ۾ سينيٽ جون چونڊون به ٿينديون. هن چيو ته ڪرونا جي ٻي لهر ايندي نظر نه پئي اچي، سمارٽ لاڪ ڊائون بهترين حڪمت عملي هئي، پاڪستان ڪرونا تي ڪنٽرول ڪري بهترين ملڪ جو لقب ماڻيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔