سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سياسي اڳواڻن جي سيڪيورٽي بابت پاليسي طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کان سياسي اڳواڻن کي سڪيورٽي فراهمي بابت پاليسي طلب ڪري ورتي آهي. 2 رڪني عدالتي بينچ آڏو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سڪيورٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي. بلاول ڀٽو جي وڪيل اختر حسين دليل ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت مڪمل سڪيورٽي فراهمي ڪري ٿي پر وفاقي سرڪار سهڪار نٿي ڪري. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو سموري ملڪ ۾ سفر ڪندو آهي، ان کي سڪيورٽي خدشا آهن، وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته پ پ چيئرمين کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. گهرو وزارت جَي نمائندي چيو ته کين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت سوال ڪيو ته وي آءِ پيز کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ سياسي اڳواڻن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت کان پاليسي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔