ن ليگ پارٽي اڳواڻن کي خط لکي فوج ۽ ايجنسين سان ملاقاتون ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد: مسلم ليگ (نواز) جي سربراهه ميان نواز شريف جي هدايت کان پوءِ مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال باضابطه طور تي پارٽي اڳواڻن کي خط لکي فوج ۽ ايجنسينسان ملاقاتون ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته شهباز شريف جي گرفتاري کان پوءِ مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف پاڻ سرگرم ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نواز شريف مسلم ليگ نواز جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس اڄ 30 سيپٽمبر جڏهن ته سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس پهرين آڪٽوبر تي طلب ڪندي ٻنهي اجلاسن جي وڊيو لنڪ ذريعي پاڻ صدارت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مسلم ليگ نواز جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ نواز جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۽ سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جا هنگامي طور اجلاس طلب ڪيا ويا آهن، ٻنهي اجلاسن کي نواز ليگ جو سربراهه اڳوڻو وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو، هن چيو ته ٻئي اجلاس ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿيندا، جنهن ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي گرفتاري سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪيو ويندو ۽ موجوده صورتحال جي روشني ۾ سياسي حڪمت عملي ٺاهي ويندي، اجلاس ۾ اهم فيصلن جي منظوري ڏني ويندي، هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي هدايت تي مسلم ليگ نواز جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال ڪالهه پارٽي اڳواڻن کي لکت ۾ هدايت ناموجاري ڪندي پاڪ فوج ۽ ايجنسين سان ملاقاتون ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل هدايتنامي ۾ نواز ليگ پارٽي اڳواڻن کي پاڪ فوج ۽ ايجنسين سان ذاتي، سرڪاري يا ڪنهن به نوعيت جي ملاقات تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، ن ليگ جو خيال آهي ته ان طرح جون ملاقاتون اگر سٺي نيت سان به ڪيون وڃن ته انهن کي غير ضروري تڪرار جو سبب بڻايو وڃي ٿو. اڳواڻ قومي سلامتي ۽ آئيني ذميوارين حوالي سان ملاقاتن جي نوازشريف کان منظوري وٺندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔