ڪينيڊا جي وزيراعظم شهرين کي ڪورونا جي ٻئي لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو

اٽاوا: ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جو باضابطه طور تي اعلان ڪري ڇڏيو آهي.قوم کي خطاب ۾ جسٽن ٽروڊو چيو ته مون کي خبر آهي ته اسان مان ڪوبه ماڻهو اها خبر نه ٻڌڻ چاهيندو پر اسان سڀئي ملي ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي طاقت رکون ٿا.وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته ڪينيڊا جي ماڻهن ۾ ايتري طاقت آهي جو هو وبائي مرض کي هڪ دفعو ٻيهر پکڙجڻ کان روڪي سگهن ٿا.ياد رهي ته ڪينيڊا ۾ ڪورونا وائرس وگهي هينئر تائين هڪ لک 47 هزار 753 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته فوت ٿي ويلن جو انگ 9 هزار 243 آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔