فنڊن جي کوٽ سبب قومي راند هاڪي کي ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: پاڪستان هاڪي فيڊريشن فنڊز نه هجڻ سبب قومي راند کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. قومي راند کي دنيا جي مهانگي راند قرار ڏيندي آصف باجوه چيو آهي ته رانديگرن جي ڪوٽا گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي ۽ جامعات ۾ به داخلا ۽ اسڪالرشپ به بند ڪيا ويا آهن.قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي جو اجلاس آغا حسن بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري آصف باجوه پئسا نه هجڻ تي قومي راند هاڪي کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته اسان وٽ وسيلا نه آهن سڀني کان وڏو مسئلو پئسو آهي. جيڪڌهن پاڪستان جي حڪومت پئسا نٿي ڏئي سگهي ته قومي راند ختم ڪري ڇڏيو. ايترا پئسا نه آهن جو سينئر ۽ جونيئر ٻئي ٽيمون ٻاهر وٺي وڃون ۽ رانديگرن کي معاوضو ادا ڪريون.هن چيو ته ڊپارٽمينٽس جون ٽيمون نه آهن. پاڪستان هاڪي هن وقت بي يارو مددگار آهي. پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي ري اسٽرڪچرنگ ۾ به هاڪي کي شامل نه ڪيو ويو. فٽ بال فيڊريشن پاڪستان ۾ نه پر هن کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ شامل ڪيو. هاڪي جي حالتن تي هيڊ ڪوچ خواجه جنيد ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 10 سيڪڙو ڪوٽا جي جڳهه هڪ سيڪڙو ڪوٽه رهجي ويو آهي.اسان جي رانديگرن کي جامعات ۾ داخلا به نٿو ملي ۽ اسڪالر شپن سان گڏ مراعتون به ختم ڪيون ويون آهن. خواجه جنيد ڇيو ته هاڪي جو هڪ بوٽ 16 هزار روپين جو آهي هڪ گول ڪيپر جي ڪٽ 3 لک روپين جي آهي. هاڪي دنيا جي مهانگي راند ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔