ڪراچي: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي هٿان شڪست کان پوءِ قومي ٽيم جي شوقينن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان جي اڳوڻن رانديگرن به قومي ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 6 مرحلي ۾ انگلينڊ هيري بروڪ جي شاندار سينچري ذريعي پاڪستان کي آساني سان 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پاڪسان مقرر 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي 164 رنسون ٺاهيون جواب ۾ انگلينڊ ڏنل حدف آساني سان آخري اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستان کي انگلينڊ کان شڪست ملڻ تي هاڻ سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اگر مگر جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.
انگلينڊ کان شڪست کان پوءِ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ جا امڪان تمام گهٽ ٿي ويا آهن پر مڪمل طور تي ختم نه ٿيا آهن. انگلينڊ جي هٿان شڪست کان پوءِ پاڪستان کي پنهنجي آخري ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻي پوندي جهن ته ٻين ميچز جا نتيجا به پاڪستان جي حق ۾ وڃڻ گهرجن.
پاڪستان سپر 8 مرحلي جو پنهنجو آخري ميچ 28 فيبروري تي سريلنڪا جي خلاف کيڏندو. هن وقت پاڪستان وٽ هڪ پوائنٽ آهي جڏهن ته انگلينڊ پهريان ئي سيمي فائنل جي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي لاءِ سري لنڪا کي شڪست ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن 3 پوائنٽس مڪمل ٿي وڃن، پر هاڻ صرف کٽڻ ڪافي نه آهي. نيوزيلينڊ جي ٻنهي ميچن جا نتيجا به هاڻ اهم هوندا. جيڪڏهن نيوزيلينڊ کي سندس ٻنهي ميچز ۾ شڪست ملي ٿي ته پاڪستان ٻئي نمبر تي سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو.
جيڪڏهن پاڪستان سريلنڪا کان ميچ ۾ فتح حاصل ڪري ٿو پر نيوزيلينڊ هڪ ميچ کٽي ٿو ۽ هڪ ۾ کيس شڪست ملي ٿي ته ٻنهي ٽيمن وٽ 3-3 پوائنٽس هوندا. جنهن کان پوءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي جڳهه رن ريٽ جي حساب سان ملندي. ٻئي طرف جيڪڏهن پاڪستان کي سريلنڪا کان شڪست ملي ٿي يا ميچ ملتوي ٿي ٿو وڃي ته پاڪستان سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويندو.
ماهرين جو چوڻ آهي ته سپر 8 جي ٻئي گروپ ۾ انگلينڊ پهريان ئي سيمي فائنل جي لاءِ جڳهه ٺاهي ورتي آهي انهي لاءِ پاڪستان جا امڪان هاڻ پنهنجي آخري ميچ ۽ رن ريٽ سان جڙيل آهن.
تبصرے بند ہیں۔