پاڪستانين لاءِ يورپ جا دروازا کلي ويا، اٽلي هزارين ويزائون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:   پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ يورپ جا  دروازا کلي ويا آهن، اٽلي پاڪستانين جي لاءِ هزارين ويزائن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اٽلي جي هم منصب  مينيو  پينٽي ڊوسي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ داخلي، سيڪيورٽي لاڳاپا ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اهم ملاقات جي دوران  منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ ۽ دهشتگردي جي خلاف تعاون کي وڌيڪ موثر بنائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻنهي گهرو وزيرن غيرقانوني اميگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي.

اطالوي گهرو وزير چيو ته ليگل مائيگريشن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي اسڪلڊ ليبر فورس جي لاءِ 10.500 ورڪ ويزائون جاري ڪيون وينديون انهي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ وڌايو ويندو. هن  انهي ارادي جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان سان گڏيل مفادن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي تيار آهي.

گهرو وزير محسن نقوي جي مطالبي تي گهرو وزير اعلان ڪيو ته پاڪستاني ڊپلوميٽنگ پاسپورٽ رکندڙن کي اٽلي جي ويزائن کان ڇوٽ حاصل هوندي. اطالوي گهرو وزير چيو ته اوهان ڪجهه وقت اڳ  ٿيل ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ تي ويزائن کان ڇوٽ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي.

محسن نقوي غيرقانوني اميگريشن کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت قدمن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ايئر پورٽس ۽ سامونڊي سرحدن تي سخت نگراني سبب غيرقانوني اميگريشن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي.

اطالوي گهرو وزير غيرقانوني اميگريشن کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني گهرو وزارت جي موثر پاليسي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته غيرقانوني اميگريشن انساني اسمگلنگ ۽ منشيات جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستاني ادارن جون ڪاميابيون تعريف جوڳيون آهن. ملاقات ۾ پنجاب پوليس جي آفيسرن پوليس خدمت مرڪز گلوبل جي فائدي جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي.

تبصرے بند ہیں۔