رياض: سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينه اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي منظوري به شامل آهي.
اجلاس ۾ ڪابينه سعودي گهرو وزارت ۽ پاڪستاني گهرو وزارت جي وچ ۾ سائنسي، تربيتي ۽ تحقيقي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي معاهدي تي صحيحن جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهڙي قدم جو مقصد ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ۽ انتظامي شعبن ۾ تجربات جي ڏي وٺ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ آهي.
ڪابينه سعودي ۽ پاڪستاني صحت واري وزارت جي وچ ۾ ريگوليشن ڪوآرڊينيشن ۽ طبي شغبي ۾تعاون وڌائڻ جي حوالي سان معاهدن جي منظوري به ڏني جنهن سان صحت جي نظام واري پاليسي سازي ۽ طبي سهولتن ۾ گڏيل اڳڀرائي جو رستو سڌو ٿيڻ جي اميد آهي.
اجلاس جي دوران ٻين علاقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته سعودي ڪابينه پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔