ٽيرف پاليسي ذريعي پاڪستان ۽ ڀارت جي نيو ڪليئر جنگ سميت ڪيتريون ئي جنگون روڪرايون: آمريڪي صدر

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ٽيرف پاليسي جي ذريعي پاڪ ڀارت نيو ڪليئر جنگ سميت ڪيتريون ئي جنگون روڪرايون، ٽيرف کي لاڳو ڪرڻ باوجود مختلف ملڪ آمريڪا سان واپاري معاهدا برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف مڃيو آهي ته مون 35 ملين ماڻهن جون حياتيون بچايون آهن.

پنهنجي ٻئي صدارتي دور جي پهرين اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران اهڙا ميزائل ٺاهي رهيو آهي جيڪي آمريڪا تائين مار ڪندا. اسان ايران سان ڊيل جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ايران ۾ 32 هزار مظاهرين کي حڪومت قتل ڪيو، ميري  پهرين ترجيح آهي ته اسان جو مسئلو سفارتڪاري سان حل ٿئي، اسان ايران ۾ مظاهرين جون ڦاهون روڪرايون، اسان  امن بزور طاقت تي يقين رکون ٿا.

ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته گذريل سال ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪيل آمريڪي حملن ملڪ جي مبينه ايٽمي هٿيارن جي پرگرام کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو هو، اسان جنرل قاسم سليماني کي به قتل ڪيو، تهران اهو واضح طور تي يقين ناهي ڏياريو ته هو ايٽمي هٿيار تيار نه ڪندو.

صدر ٽرمپ ٽيرف جي خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي. خطاب جي دوران  هن چيو ته هن وقت آمريڪي تاريخ ۾ سرحدي صورتحال سڀني کان وڌيڪ محفوظ آهي، گذريل 9 مهينن ۾ ڪوبه غيرقانوني پرڏيهي آمريڪا ۾ داخل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته غير قانوني پناهگيرن کي ملڪ مان ڪڍيو پيو وڃي. حڪومت نٿي چاهي ته غيرقانوني اميگرينٽس آمريڪا ۾ قيام ڪري.

معيشت ۽ مهانگائي جي حوالي سان  صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته منهنجي ٻئي صدارتي دور ۾ افراط زر ۾ نمايان گهٽائي آئي، آنن جي قيمتن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، گذريل 12 مهينن جي دوران 16 کرب ڊالرن جي سرمائيڪاري جا وعدا حاصل ڪيا ويا. هن چيو ته آمريڪا اڄ پهريان کان وڌيڪ خوشحال ۽ مضبوط آهي صرف هڪ سال ۾ وڏي تبديليون ممڪن بنايون ويون آهن. ٽرمپ موجب آمريڪا رڪارڊ ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي.

صدر ٽرمپ اڳوڻي صدر جوبائيڊن جي دور کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته انهي وقت ملڪ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو هو. جڏهن ته هاڻ آمريڪا دنيا جو سڀني کان  وڌيڪ پسنديده ملڪ بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال مون ڪانگريس کان ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو جنهن کي ريپلڪنز منظور ڪرايو. جڏهن ته سمورن ڊيمو ڪريٽس انهي جي مخالفت ڪئي ڇو ته  انهن ٽيڪس وڌائڻ چاهيو ٿي.

تقرير جي دوران ڪانگريس ميمبر آل گرين، انهان عمر احتجاج ڪيو ۽ بينر لهرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي انهي کي ڪانگريس جي عمارت کان ٻاهر ڪڍيو ويو. صدر ٽرمپ جي خطاب جي موقعي تي ڪابينه ميمبر،  ڪانگريس ميمبر ۽ انهي جا گهر ڀاتي به موجود هئا.

 

تبصرے بند ہیں۔