ڪيليفورنيا: ڌرتيءَ جي ڪجهه انتهائي سُڪل علائقن ۾ هڪ نئين ٽيڪنالاجي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته پيئڻ جو پاڻي سڌو سنئون هوا مان حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڀلي زمين مڪمل طور تي سڪي پئي هجي۔
عمر ياگهي جيڪو ڪيليفورنيا جي برڪلي يونيورسٽي ۾ ڪيميا جو پروفيسر ۽ 2025ع جو نوبل انعام يافته آهي، هڪ اهڙي مشين ايجاد ڪئي آهي جيڪا روزانو هوا مان هڪ هزار ليٽر تائين صاف پاڻي حاصل ڪري سگهي ٿي۔
سندس ٽيڪنالاجي ڪمپني اٽوڪو Atoco پاران تيار ڪيل هي اوزار 20 سيڪڙو کان گهٽ نمي وارن علائقن ۾ به اثرائتي نموني ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪو شديد پاڻي کوٽ وارن علائقن لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي سگهي ٿو۔
“سُپر اسپنج” جي سائنس
هي انقلابي ايجاد “ريٽيڪيولر ڪيمسٽري” تي ٻڌل آهي، جيڪو ياگهي جو پيش ڪيل ميدان آهي۔ هن ايجاد جو بنيادي راز “ميٽل-آرگينڪ فريم ورڪس” (ايم او ايفس) آهن، جيڪي مصنوعي ۽ سوراخدار مواد آهن ۽ جديد اسفنج وانگر ڪم ڪن ٿا۔
اهي مواد ماليڪيولي سطح تي اهڙي نموني تيار ڪيا وڃن ٿا جو سندن سطح ايتري وڏي هوندي آهي جو صرف ڪجهه گرام مادو هڪ فٽبال اسٽيڊيم جي اندروني ايراضيءَ جيتري سطح ڍڪي سگهي ٿو۔
جڏهن هوا مشين مان گذري ٿي ته ايم او ايفس پنهنجن ننڍن سوراخن ۾ پاڻيءَ جا ماليڪيول جذب ڪري وٺن ٿا۔ جڏهن انهن کي سج جي گرمي يا گهٽ درجي جي حرارتي توانائي سان گرم ڪيو وڃي ٿو ته اهي ڦاٿل نمي کي ٻاڦ جي صورت ۾ آزاد ڪن ٿا، جيڪا پوءِ ٿڌي ٿي مايع پاڻي بڻجي وڃي ٿي۔
روايتي هوا مان پاڻي ٺاهڻ واري نظام جي ابتڙ، جنهن ۾ هوا کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ گهڻي بجلي گهرجي ٿي، ياگهي جو نظام رڳو سج جي گرمي تي هلندو آهي ۽ بجلي جي مرڪزي نظام کان آزاد آهي۔
آفتن وقت مضبوطيءَ جو ذريعو
هي ايجاد اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته دنيا “پاڻيءَ جي عالمي بحران ” ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن۔ سامونڊي علائقن لاءِ لوڻياٺ پاڻي کي مٺو ڪرڻ عام حل رهيو آهي، پر اهو توانائي گهڻي استعمال ڪري ٿي ۽ لوڻياٺ فضلو سمنڊ جي ماحول کي نقصان پهچائي ٿو۔
ياگهي جو پاڻي گڏ ڪرڻ وارو اوزار هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي کڻي وڃڻ به آسان آهي ۽ ماحول دوست متبادل فراهم ڪري ٿو۔ لڳ ڀڳ ويهه فوٽ ڊگهي مال بردار ڪنٽينر جي جسامت وارو هي يونٽ طوفانن کان متاثر ٻيٽن يا پري ريگستاني ڳوٺن ۾ نصب ڪري سگهجي ٿو۔
ڪيريبين علائقي ۾، جتي طوفانن جهڙوڪ Hurricane Beryl مرڪزي ڍانچي کي نقصان پهچايو، اهڙيون مشينون بغير بجلي جي نيٽ ورڪ تي ڀاڙڻ جي فوري امداد مهيا ڪري سگهن ٿيون۔
ذاتي تڪليف کان عالمي اثر تائين
ياگهي جي هن منصوبي پٺيان ذاتي تجربو به شامل آهي۔ اردن ۾ هڪ پناهگير برادريءَ ۾ پلجندي، هو اهڙي گهر ۾ رهيو جتي نل جو پاڻي موجود نه هو۔ هو اڪثر اهو منظر ياد ڪندو آهي جڏهن پاڙي ۾ سرگوشي ٿيندي هئي ته پاڻيءَ وارو ٽرڪ اچي ويو آهي، ۽ ماڻهو تيزيءَ سان پنهنجا برتن ڀرڻ لاءِ ڊوڙندا هئا.
تازو ميدان ۾ آزمائش دوران هن چيو: “سائنس ته موجود آهي، هاڻي ضرورت رڳو انهن حلن کي وڏي پيماني تي لاڳو ڪرڻ جي همت جي آهي.”
جڏهن ته هي ٽيڪنالاجي هن وقت ليبارٽري نمونن مان صنعتي سطح تائين منتقل ٿي رهي آهي، ياگهي هڪ اهڙي مستقبل جو تصور پيش ڪري ٿو جتي “ذاتي پاڻي” ممڪن هجي۔ جيئن سولر پينل گهرن کي پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي سگهه ڏين ٿا، تيئن ايم او ايف تي ٻڌل اهي اوزار هڪ ڏينهن هر گهر کي پنهنجو پيئڻ جو پاڻي پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهن ٿا، ۽ مرڪزي بلدياتي نظامن تي دارومدار ختم ٿي سگهي ٿو۔
هي پروفيسر انهن ٽن سائنسدانن مان هڪ آهي، جن تازو 2025ع جو ڪيميا جو نوبل انعام ميٽل-آرگينڪ فريم ورڪس تي بنيادي ڪم ڪرڻ تي حاصل ڪيو، جنهن صاف توانائي ۽ ماحولياتي استعمالن لاءِ نوان رستا کوليا آهن۔
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔