غير مسلم پاڪستانين جو سياسي الميو ۽ اعظم معراج جو نئون ڪتابچو

ڪراچي: ناليواري سماجي ڪارڪن ، اعظم معراج جو تحقيقي ڪتابچو “غير مسلم پاڪستانين جي سياسي الميي جو مقدمو” شايع ٿي ويو آهي ، پنهنجي ان ڊگهي مضمون ۾ هن ڪيترن ئي اهم پهلوئن تي لکيوآهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي اقليت پاڪستاني هندن لاءِ ان ڪتابچي جو سنڌي ۾ ترجمو به ٿي چڪو آهي ، جڏهن ته انگريزي ترجمو به ملي سگهي ٿو .

تفصيل موجب تحرڪ شناخت جي باني ، اعظم معراج هڪ ٻئي اهم اشو تي قلم کنيو آهي ،سندس موضوع اهي چونڊنظام آهن ، جن کي غير مسلم پاڪستانين تي لاڳو ڪيو ويو .

اعظم معراج انهن جو تجزيو ڪيو آهي ۽ انهن ۾ بهتري جون تجويزون پيش ڪيون  آهن .

پاڪستاني  مسيحي برادري  جي احساس محرومي کي احساس ذميواري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ  ڪوششون وٺندڙ اعظم معراج اهو يقين رکي ٿو تحريڪ پاڪستان ، قيام پاڪستان، دفاع پاڪستان ۽ تعمير پاڪستان ۾ اقليتن  ۽ خاص ڪري مسيحي برادري جو اهم حصو آهي ، پاڪستان جي مسيحي برادري کي ان حصي کي ڄاڻي ، اپنائي فخر سان ان سڃاڻ سان گڏ جيئڻو پوندو.

اعظم معراج پيشي جي لحاظ کان اسٽيٽ ايجنٽ آهي ۽ ان شعبي ۾ هو ٻه ڪتابچا لکي چڪوآهي، پنهنجي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو گڏيل طور تي 15 ڪتاب لکي چڪوآهي .جن ۾ نمايان “ پاڪستان ۾ اسٽيٽ جو ڪاروبار، “ڌرتي جاءِ پر ڪيون آئي ” ، “شناخت ناما ” ۽ شان سبز و سفيد  شامل آهن. سندس ٻين ڪتابن ۾ پاڪ فوج ۾ محاذ جنگ تي خدمتون انجام ڏيندڙ ، پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ  سپاهين جي داستانن کي شامل ڪيو ويو آهي.

اعظم معراج مسيحي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ انهن آفيسرن ۽جوانن تي به قلم کنيو ، جن کي تمغه جرات  ۽ تمغه بسالت سميت فوج پاران مختلف اعليٰ ترين اعزازن سان نوازيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔