ڀارت سِکن کي بابا گرونانڪ جي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت جي سيڪيولرزم جي اصليت ظاهر ٿي پئي .

هندواتا جي پرچار ڪندڙ نالي ماترسيڪيولر ملڪ  ڀارت هڪ ڀيرو وري روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي سِکن کي بابا گرونانڪ جي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

سڄي ملڪ مان سک جٿن جي بابا گرونانڪ جي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڪرتارپور اچڻ جو سلسلو جاري آهي ، دنيا جي مختلف ملڪن مان به سکن جا جٿا ڪرتارپور پهچي رهيا آهن .

سيڪيولر ڀارت وري روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي سکن کي ڪرتارپور اچڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ گرونانڪ جي ورسي جي تقريبن ۾شرڪت جي اجازت نه ڏني .

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ڪرتاپور راهداري وسيلي سکن کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان ٻه خط به لکيا .

ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ سياحن لاءِ تاج محل ته کولي ڇڏيو پر سکن کي بابا گرونانڪ جي ورسي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني .

ڪرتاپور ۾ سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 481هين ورسي جون تقريبون ٽن ڏينهن کان جاري آهن جن جو اڄ آخري ڏينهن آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔