اپوزيشن جي اي پي سي مان حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن جي اي پي سي مان حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي، ملڪ ۾ احتساب جو عمل نه روڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران اپوزيشن جي اي پي سي ۾ ٿيل فيصلن تي بحث ڪيو ويو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، حڪومت خلاف اي پي سي جي فيصلن ۽ ايڪشن پلان تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ملڪي سلامتي، سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اي پي سي جي حڪومت مخالف فيصلن جو جائزو ورتو ويو، سياسي اڳواڻن خلاف نيب ڪيسز ۾ اڳڀرائي تي پڻ غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن جي اي پي سي مان ڪو خطرو ناهي، قوم اي پي سي جي مقصدن کان آگاهه آهي، ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو، احتساب جو عمل نه روڪيو ويندو.، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ اسد عمر وفاقي وزير شيرين مزاري جي بيانن تي اعتراض واريندي چيو ته سڀ کان وڌيڪ شيرين مزاري بيان ڏيندي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن کي غير ضروري بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔