فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن ناممڪن آهي:روس

ماسڪو: روس فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ بغير وچ اوڀر ۾ امن کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو.
روسي پرڏيهي وزير پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن جي سوچ غلطي هوندي.
روسي پرڏيهي وزير پاران اهڙو بيان اسرائيل، متحده عرب امارات ۽ بحرين جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي واري معاهدي کانپوءِ آيو آهي.
پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته اهو سوچڻ غلط هوندو ته فلسيطين مسئلي جو حل ڳولڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ مستقل امن ٿي ويندو، روس علائقائي ۽ عالمي طاقتن تي فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔