سال 2018 ۾ ڪنهن ڪيتري ٽئڪس ڏني ، پارليامينٽ جي ميمبرز جي ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو ( ايف بي آر ) پارليامينٽ جي سال 2018 جي ميمبرز جي ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪري ڇڏي آهي، ايف بي آر موجب سال 2018 ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي سڀ کان وڌيڪ 24 ڪروڙ 13 لک 29 هزار 362 رپيا ٽيڪس ڏنو، وزير اعظم عمران خان مالي سال 2018 ۾ 2 لک 82 هزار 449 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري 2 لک 94 هزار 117 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، آصف علي زرداري 28 لک 91 هزار 455 رپيا، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڪوبه ٽيڪس ادا ناهي ڪيو، ايف بي آر موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سڀ کان وڌيڪ 48 لک 8 هزار 948 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه 10 لک 22 هزار 184 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. شهباز شريف 97 لک 30 هزار 545 رپيا ۽ حمزا شهباز 87 لک 5 هزار 368 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔