اسرائيل سان معاهدي لاءِ وڌيڪ پنج ملڪن جو سنجيدگيءَ سان غور

واشنگٽن: وائٽ هائوس دعويٰ ڪئي آهي ته وڌيڪ پنج ملڪن اسرائيل سان ڊيل ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب وائٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف مارڪ ميڊوز متحده عرب امارات ۽ بحرين جي اسرائيل سان لاڳاپن جي ڪاڻ معاهدي کانپوءِ وڌيڪ پنج ملڪن معاهدي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
مارڪ ميڊوز دعويٰ ڪئي آهي ته پنج وڌيڪ ملڪن اسرائيل سان لاڳاپن تي سنيدگيءَ سان غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن في الحال انهن ملڪن جا نالا کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو البت اهو اشارو ضرور ڏنو ته انهن پنجن ملڪن مان ٽن جو تعلق هن ئي خطي سان آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ متحده عرب امارات ۽ بحرين جي اسرائيل سان معاهدي کانپوءِ وڌيڪ ملڪن جي معاهدن جي اميد ظاهر ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ممڪن طور تي اسرائيل سان معاهدو ڪندڙ ملڪن ۾ عمان جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ڇو ته بحرين ۽ اسرائيل وچ ۾ معاهدي واري تقريب دوران عمان جو سفير به شامل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔