انگريزن جي غلامي واري ذهن ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

هري پور: وزيراعظم عمران خان پاڪ آسٽريا انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي هري پور جي دوري دوران پاڪ آسٽريا انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪيو. 

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پنهنجي ڪارنامن جي تعريف جي بجاءِ انسان کي وڌيڪ ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪميونزم قومن جي لاءِ تباهي آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ ته صرف مغرب ئي ترقي ڪري سگهي ٿو اسان نٿا ڪري سگهون اها سوچ غلط آهي. انگريزن جي غلامي جي ذهن ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو اسان ڪجهه ان لاءِ نٿا ڪري سگهون ڇو ته اسان ڪاپي ڪندا آهيون.

وزيراعظم عمران خان چيو ته انگريز سائنسدان بڻجي سگهن ٿا ته اسان جا ماڻهو ڇو نه؟ اسان ذهنن کي سٺي غلامي جي سوچ مان نجات ڏياري آهي. اسان خودمختار ماڻهو آهيون ۽ پاڻ ڪجهه ڪرڻ جو عرم رکون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي شرح وڌيڪ آهي ۽ ترقي به ممڪن آهي. اسان کي وڏي ڊيٽا، آرٽيفشلز انٽيليجنس ۽ ٻئي ٽيڪنالاجي جي مدد وٺڻ گهرجي. اسان خودمختار ماڻهو آهيون ۽ ڪجهه ڪجهه ڪرڻ جا ارادا رکندا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان پهريون سال معيشت کي بهتر ڪرڻ ۽ ٻيو ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ گذاريو.

هتي تعليم تي ماضي ۾ ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو ويو پر اسان پئسن جي غلط استعمال جي خلاف قانون آڻي تعليم تي سرمائيڪاري جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ماضي ۾ اسان تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏيون ها ته ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃون ها. خيبرپختونخواهه حڪومت پاڪ آسٽريا انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي تي سرمائيڪاري ڪئي ۽ چين هر معاملي ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي معاملي ۾ به چين اسان جي مدد ڪئي. ان کان اڳ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو هو ته پاڪ آسٽريا انسٽيٽيوٽ وڏي اڳڀرائي آهي. هريپور ۾ جديد انسٽيٽيوٽ جو قيام رياست جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔