بلديا فيڪٽري سانحو ڪيس: عدالت 9 سالن بعد اڄ فيصلو ٻڌائيندي

ڪراچي : ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 سالن کان ٻڌڻيءَ هيٺ رهندڙ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ 2 سيپٽمبر تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. ڪيس ۾ فيبروري 2017ع ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، رحمان ڀولا، زبير چريا ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا فيڪٽري ۾ باهه سبب 260 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا هئا ۽ فيڪٽري مالڪن باهه جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي قرار ڏنو هو. ڪيس ۾ جوابدارن خلاف 400 اکين ڏٺن شاهدن ۽ ٻين پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا ۽ ڪيس ۾ سرڪار جي پيروي رينجرز اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ڪئي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔