بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو .

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديا فيڪٽري سانحي  جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن ۾ رحمان ڀولا، زبير چريا ، رئوف صديقي سميت ٻيا جوابدارپيش ٿيا .

عدالت پاران اڄ ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان هو پر عدالت ڪيس جو فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو .

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سڪيورٽي جا نهايت ئي سخت انتظام ڪيا ويا ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪئي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔