آصف زرداري توشه خانه ريفرنس ۾ گاڏيون منجمد نه ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف زرداري توشه خانه ريفرنس ۾ گاڏيون منجمد نه ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نيب کي گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل، درخواست ۾ آصف زرداري موقف اختيار ڪيو آهي ته گاڏيون منجمد ڪرڻ وارو فيصلو غيرقانوني آهي، درخواست تي فيصلو اچڻ تائين نيب کي گاڏيون ضبط ڪرڻ کان روڪيو وڃي، احتساب عدالت آصف زرداري جي درخواست تي نيب کان 24 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔