اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي وي چيئرمين ارشد خان جي مقرري کي ڪالعدم قرار

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين ارشد خان جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي

جسٽس محسن اختر ڪياني پي ٽي وي ۾ غيرقانوني مقررين جي خلاف فيصلو ٻڌايو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 23 آگسٽ 2020 تي چيئرمين، ايم ڊي پي ٽي وي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽر جي ميمبرن جي مقرري بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو. پي ٽي وي يونين جو جنرل سيڪريٽري پرويز اختر ڀٽي به پنهنجي درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي هئي ته چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽر جي مقرري ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن. ارشد خان جي مقرري عدالت جي 7 مئي جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي.

هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي هئي ته پي ٽي وي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب عمل ۾ آندي وڃي. محفوط ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائيندي عدالت پي ٽي وي چيئرمين ارشد خان جي مقرري کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت پي ٽي وي بورڊ آف ڊائريڪٽر ۾ شامل انڊي پينڊنٽ ڊائريڪٽرز جون مقررريون به غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيون آهن.

عدالت چيف نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز قطرينه حسين جي مقرري صحيح قرار ڏني آهي. قطرينه حسين کي جنوري 2020 ۾ سرڪاري ٽي وي ۾ نيوز اينڊ ڪرنٽ  افيئر جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. ايم ڊي پي ٽي وي طرفان جاري ڪيل خط موجب چيف  نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئر جي حيثيت سان قطرينه حسين جي ماهوار پگهار 8 لک 70 هزار روپيه مقرر ڪئي وئي آهي ياد رهي ته ارشد خان 2019 ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي چيئرمين جو عهدو سنڀاليو هو. وفاقي حڪومت طرفان عامر منظور کي ايم ڊي پي ٽي وي  مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔