عورت جي بجاءِ مردن کي تميز سيکارڻ جي ضرورت آهي: ساره خان

ڪراچي: اداڪاره ساره خان چيو آهي ته اسان عورتن جي جڳهه مردن کي تميز سيکارڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙي طريقي سان ڳالهائڻو آهي، ڪيئن اٿڻو ويهڻو آهي ۽ عورتن کي ڪهڙي طرح ڏسڻو آهي.پاڪستان شوبز انڊسٽري جي فنڪار لاهور موٽر وي تي عورتن سان ٿيندڙ اجتماعي زيادتي جي واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ ڪراچي پريس ڪلب پهتي جتي هن زيادتي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جي قانون ۾ تبديلي آڻڻ جو مطالبو ڪندي ملڪ جي عورتن ۽ ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان محفوظ ملڪ بنائڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج ۾ ساره خان، عائشه عمر، منشا پاشا، ياسر حسين، علي رحمان خان سميت ڪيترن ئي فنڪارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اداڪاره ساره خان چيو ته پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن احتجاج ۾ شرڪت ڪري رهي آهينا. اسان جي ملڪ ۾ عورتون محفوظ نه آهن عورتون ڇا پر اسان وٽ ته ٻار ۽ ٻارڙيون به محفوظ نه آهن ان ڪري اسان کي پنهنجي عورتن کي سيکارڻ جي بجاءِ مردن کي سيکارڻ گهرجي ته عورتن کي ڪهڙي طرح سان ڏسڻو آهي ڪهڙي طرح ڳالهائڻو آهي ڪيئن اٿڻو آهي، ڪيئن ويهڻو آهي. ساره خان چيو ته زيادتي جي جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي جيڪڏهن سزا نه ملي سگهي ته مان وڏي افسوس سان اهو چوندس ته مان هاڻ هن ملڪ ۾ رهڻ نٿي چاهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔