اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ تعليمي ادارو سيل

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي هڪ تعليمي اداري کي سيل ڪيو ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ٽارگيٽڊ ٽيسٽنگ جي دوران اداري ۾ 18 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ اداري کي سيل ڪيو ويو آهي اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته تعليمي ادارو ٻئي حڪم اچڻ تائين سيل رهندو.ياد رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ بند تعليمي ادارن کي 6 مهينن کان پوءِ ايس او پيز تحت کوليو ويو آهي. ايس او پيز تي عمل يقيني بنائڻ جي ذميواري صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمن کي ڏني وئي آهي. ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويندو ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔