موٽر وي زيادتي ڪيس: جوابدار شفقت ڇهن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور: موٽر وي زيادتي ڪيس جي جوابدار شفقت کي 6 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. موٽر وي زيادتي ڪيس جي جوابدار شفقت کي لاهور جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدار جي خلاف زيادتي جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا به قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ڪيس عورت جي ويجهي مائٽ سردار شهزاد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. جوابدار شفقت کي گذريل ڏينهن ديپالپور جي ڏوراهين ڳوٺ  مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سي آءِ اي جي ٽيم گرفتار ڪرڻ کان پوءِ کيس لاهور کڻي پهتي هئي. جوابدار شفقت پوليس وٽ گرفتاري دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو. جڏهن ته جوابدار جي ڊي اين اي  به متاثر عورت جي رپورٽ سان ميچ ڪئي وئي آهي.

جوابدار شفقت جو چوڻ هو ته عابد مون کي اڪثر ڪري مختلف وارداتن جي لاءِ گهرائيندو هو ۽ ان رات به واردات جي وقت  عابد کي شراب پيتل هئي. ان دوران ٽيون ساٿي بالا مستري به گڏ هو پر واردات کان اڳ هو واپس هليو ويو هو.  جوابدار چيو ته بالا ماستري جي وڃڻ کان پوءِ مان ۽ عابد علي رڪشه ڪرائي تي ڪري ڪرول ڳوٺ جي موٽر وي کان لنڪ روڊ تي پهتاسين. 

شفقت علي موجب جڏهن اسان موٽر وي تي گاڏي  ڏٺي ته واردات جي نيت سان اتي پهتاسين پر گاڏي جي اندر موجود عورت ٻاهر اچڻ کان انڪار ڪيو ته عابد گاڏي جو شيشو ڀڃي ڇڏيو. جوابدار موجب گاڏي جو شيشو ڀڃڻ کان پوءِ  به عورت گاڏي مان ٻاهر نه اچي رهي هئي جنهن کان پوءِ اسان ٻارن کي گاڏي مان لاهي ورتو ۽ موٽر وي کان هيٺ کاهي طرف کڻي وياسين جنهن کان پوءِ مجبور ٿي عورت به اسان جي پويان آئي هئي.

جوابدار شفقت موجب اسان ٻارن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏئي عورت کي زيادتي جو نشانو بنايو جنهن  کان پوءِ روڪ رقم ۽ زيور کڻي فرار ٿي وياسين. ٻئي طرف جوابدار شفقت جي بيان کان پوءِ ان جي ٽئين ساٿي اقبال عرف بالا مستري کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔