ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ادارن کي بند ڪري ڇڏينداسين: شفقت محمود

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ادارن کي پهريان وارننگ ڏينداسين پوءِ بند ڪري ڇڏينداسين.

اسلام اباد ۾ اسڪول جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي شفقت محمود چيو ته جنهن ڏينهن جو انتظار هو اهو اڄ اچي ويو. اڄ هڪ مبارڪ ڏينهن آهي. هي هڪ امتحان جو ڏينهن به آهي. هن چيو ته قوم ڪورونا جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو آهي. حڪومت جي ڪاوشن سان هي ڏينهن آيو. حڪومت جي مثالي ڪارڪردگي آهي.

وفاقي وزير چيو ته سمورن تعليمي ادارن کي گذارش آهي ته هدايتن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ والدين کي به گهرجي ته ايس او پيز تي عمل ڪن. هر ٻار ماسڪ لازمي پائي. گهر ۾ ڪپڙي جو ماسڪ ٺاهيو وڃي. شفقت محمود وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته ايس او پيز تي عمل ٿيندو.

صوبائي حڪومتون به ڪوششون ڪري رهيون آهن ته ايس او پيز تي عمل ٿئي ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي پهريان وارننگ ڏينداسين پوءِ ادارو بند ڪيو ويندو. هن چيو ته استادن  کي پڙهائي سان گڏوگڏ ايس او پيز تي عمل به ڪرڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔