نيب نيازي ڳٺ جوڙ هڪ مفروضو آهي: نيب چيئرمين جاويد اقبال

اسلام آباد : نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ هڪ مفروضو آهي، هڪ سياستدان مناظري جو چئلينج ڪندي چيو هو ته نيب پنهنجي نڪ تان مک به نٿو اڏائي سگهي، اسان چئون ٿا ته نيب پنهنجي نڪ تي مک ويهڻ جي به اجازت ناهي ڏيندو، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نيب کي ڪنهن به قسم جي ڇوٽ حاصل نه آهي، سڀني جي عزت نفس جو خيال رکڻو پوي ٿو، ائين ناهي ته ڪو بي گناهه هجي ۽ سندس خلاف ڪيس يا ريفرنس ٺاهيو وڃي، احتساب جو هڪطرفو نظام اُنهن کي نظر ايندو آهي، جِن کي اکين تي پٽيون ٻڌل هجن، هر ڪيس تي سمورن رُخن جو جائزو وٺڻ بعد ميرٽ جي بُنياد تي فيصلو ڪيو ويندو آهي، افسوس آهي جو جِن ماڻهن نيب جو قانون ناهي پڙهيو، اُهي به تنقيد ڪن ٿا، نيب فيس نه ڪيس ڏسندو آهي، مجموعي طور 12 ارب رُپين جا ريفرنس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔