ڪراچي: بلاول ڀٽو پاران شهيدن جي مزارن تي حاضري، سيڪيورٽي انتظام سخت

نئون ديرو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري آهي.

بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ مزارن تي گل رکيا. 

ان موقعي تي جميل سومرو ساڻس گڏ هو، بلاول ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀرڻ کان اڳ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا جڏهن ته عام ماڻهن کان مزار کي مڪمل طور خالي ڪرايو ويو.

مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد پ پ چيئرمين ڳڙهي خدابخش کان سکر لاءِ روانو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔