ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، اسرائيل ٻيهر لاڪ ڊائون تي مجبور

تل ابيب : اسرائيل ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ مسلسل وڌڻ سبب ٻيو ڀيرو سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ڪابينا جي هڪ اجلاس کانپوءِ اعلان ڪيو ته ايندڙ جمعي کان سڄي ملڪ ۾ 3 هفتن لاءِ لاڪ ڊائون هوندو.
ان ئي دوران اسرائيلي تعميرات واري وزير، جيڪو هڪ الٽرا آرٿوڊڪس يهودي آهي، ڪجهه اهم مذهبي موڪلن کان اڳ ئي ڪورونا انفيڪشنز جي پکيڙ خلاف حڪومتي اعلان تي احتجاج ڪندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته اسرائيل ۾ ڪورونا وائرس سبب 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔