عورت ڪا به هجي ڪٿي به هجي، ان جي حفاظت جو مطالبو ڪيون ٿا: ماهرا خان

ڪراچي : پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته ڪا به عورت ڪٿي به هجي، ان جي حفاظت جو مطالبو ڪيون ٿا.
اهڙن خيالن جو اظهار ماهرا خان فوٽوز اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران موٽر وي واقعي خلاف احتجاج جون تصويرون جاري ڪندي ڪيو.
پنهنجي پيغام ۾ ماهرا خان لکيو ته اسان سڀني عورتن لاءِ محفوظ قوم جو مطالبو ڪيون ٿيون، ڪا به عورت گهر ۾ هجي يا روڊ تي يا پنهنجي ڪم تي، اڪيلي هجي يا ڪنهن سان گڏ، ٻارن سان هجي يا ٻارن بنا، اسڪرٽ ۾ هجي يا برقعي ۾، جتي به هجي جيڪا به هجي ان جي حفاظت جي بنيادي حقن جو مطالبو ڪيون ٿا.
هن شوبز انڊسٽري جي ستارن کي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته متحد ٿي اسان وڌيڪ مضبوط آهيون، اسان جو آواز وڌيڪ پرزور ۽ اثرائتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔