پي ٽي وي ناليواري اداڪار ڏانهن 620 رپين جو چيڪ اماڻي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان سينيئر اداڪار راشد محمود 620 رپين جو چيڪ موڪلڻ تي پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) جي لاءِ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
خيال رهي ته راشد محمود جو شمار پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي سينيئر اداڪارن ۾ ٿيندو آهي.
ان حوالي سان ڪجاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ اداڪار راشد محمود جو چوڻ هو ته پاڪستان جي جنهن گهر ۾ به ٽيلي ويزن موجود آهي آئون گذريل 4 ڏهاڪن کان ان گهر ۾ رهندڙ آهيان.
هن چيو ته مون ملڪ جي لاءِ ڪهڙون خدمتون انجام ڏنيون آهن سڀ ان کان آگاهه آهن ۽ آئون هڪ کليل ڪتاب جيان آهيان.
راشد محمود ٻڌايو ته 2 سالن کان پي ٽي وي تي ڪو به ڪم ناهي ڪيو پر حڪومت ته سمورا ڪم بند ڪري ڇڏيا آهن ان ڪري اسان جو به ڪم بند آهي.
اداڪار وڌيڪ چيو ته محرم جي ڏينهن ۾ پي ٽي وي لاهور مون کي مرثيو پڙهڻ کان گهرايو هو ۽ آئون هر ڀيري چوندو آهيان ته مرثيو اُها صنف آهن جنهن کي هر ڪو نٿو پڙهي سگهي.
هن چيو ته مون مرثيو ريڪارڊ ڪرايو ۽ اُهو هليو به پر هاڻ ٻن سالن کان پوءِ هنن جو چيڪ آيو ته ان ۾ منهنجي فيس 275 رپيا آهي جڏهن ته ٻي رقم ان جي پرائڊ آف پرفارمنس جي ڪري ڏني وئي.
هن چيو ته پي ٽي وي تي ماڻهو 15 کان 25 لک رپين تائين ماهوار وصول ڪري رهيا آهن حالانڪ انهن جو شوبز سان ڪو به تعلق ناهي.
هن اعلان ڪيو ته آئون احتجاج طور پاڪستان ٽيلي ويزن تي ڪم نه ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔