يورپي يونين جو سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن لاءِ 50 لک ڊالر جو اعلان

اسلام آباد: يورپي يونين ڪورونا وائرس جي دور ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي بنيادي صحت جي لاءِ 50 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي.
يورپي يونين ڪورونا وائرس جي موذي مرض جي دور ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي بنيادي صحت لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي، يورپي يونين عورتن ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه ۽ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ يونيسيف کي 5 ملين ڊالر جي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اِهو سهڪار يورپي يونين جي يورپي يونين سول پروٽيڪشن انڊهيو منٽرينز اينڊ جي ذريعي فراهم ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن ۽ بلوچستان (جعفر آباد) ۾ 12 لک 50 هزار ماڻهن تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔