نئين ڊوميسٽڪ سيزن لاءِ رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي

لاهور: نئين ڊوميسٽڪ سيزن جي لاءِ رانديگرن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جو سلسلو اڄ کان شروع ٿيندو.ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر نديم خان ان حوالي سان چيو آهي ته رانديگرن جي صحت ۽ حفاظت جو خيال رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان جا رانديگر سڄي ملڪ ۾ موجود آهن. لاجسٽڪ مسئلن سبب پهريان ڪورونا 19 ٽيسٽ رانديگر پاڻ ڪرائي رهيا آهن پر پي سي بي ان سمورن رانديگرن کي پهرين ڪورونا ٽيسٽ جي واجبات جي ادائيگي بعد ۾ ڪندي.سمورن رانديگرن جي ٻئي ڪورونا ٽيسٽ پي سي بي جي سينٽرل اسٽيشن تي ئي ٿيندي جڏهن ته ٻئي ڪورونا 19 ٽيسٽنگ پي سي بي پاڻ ڪندي. نديم خان چيو ته انگلينڊ جي دوري تان واپس ايندڙ رانديگر 25 سيپٽمبر تي پنهنجي ڊوميسٽڪ ٽيمن کي جوائن ڪندا.انگلينڊ جي ڊگهي دوري کان پوءِ رانديگرن کي پنهنجي گهر ڀاتين سان وقت گذارڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڪورونا 19 جي تازي صورتحال دوران هي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو سڀني کان وڏو آپريشن آهي. فخر آهي ته پي سي بي اهڙين حالتن جي باوجود 30 سيپٽمبر کان پنهنجي ڊوميسٽڪ سيزن جي باقاعده کان شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔