مڪاني چونڊون حدبنديون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿي سگهن ٿيون:سيد مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  مڪاني چونڊون صوبي ۾ حدبندين واري عمل جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿي سگهنديون جڏهن ته حدبندين کان اڳ آدمشماري ڪرائي ويندي ڇاڪاڻ ته قانون موجب حدبندين جي لاءِ آدمشماري ٿيڻ لازمي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ هن مهل تائين 1998ع واري آدمشماري تحت حدبنديون ٿيل آهن جنهن تحت مڪاني چونڊون منعقد نٿيون ڪري سگهجن.

هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران صوبي ۾ حدبندين جي لاءِ نئين آدمشماري ڪرائڻ جي حوالي سان منظوري ورتي ويندي، اهڙو اظهار هن اڄ سيوهڻ شريف ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته حدبندين کانپوءِ قانون موجب  120 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون منعقد ٿي سگهنديون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاهور ۾ جنسي ڏاڍائي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي چيو ته لاهور موٽروي تي پيش آيل واقعو غير انساني ۽ بي حسي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي.

هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته خطي ۾ امن امان جو ماحول برقرار رکڻ سڀني جي خواهش آهي ۽ اسين سڀ چاهيون ٿا ته خطي ۾ امن امان هجي ۽ دهشتگردي وارو ماحول پيدا نه ٿئي، هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاران وفاق خلاف احتجاج جي حوالي سان بيان سنڌ ۾ برسات سٽيل علائقن ۾ وفاقي حڪومت پاران ماڻهن جي سهائتا نه ڪرڻ ۽ گذريل ٻن سالن کان اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان ڪيل واعدا پورا نه ٿيڻ ڪري اهڙو بيان ڏنو ويو آهي.

 هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندي ۽ ان حوالي سان وزير اعظم کي صوبي جي ليفٽ بينڪ وارن علائقن ۾ ڊرينيج جي نظام جي بهتري وارن منصوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ پڻ لکت ۾ سفارش ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واهڙ ۾ پنهنجي والد سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سيد عبداالله شاهه جي مزار تي فاتح خواني ڪئي بعد ۾ وڏي وزير پاران اسسٽنٽ ڪمشنر مرحوم اسد عباسي جي لاڏاڻي تي سندس ڀاءُ مخدوم ضمير حسين، عرس فقير خاصخيلي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ حاجي خاصخيلي، مرحوم نور محمد رند جي لاڏاڻي تي سندس پونئيرن ۽ پي پي پي ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد آصف شاهه سان سندس چاچي سيد احمد علي شاهه جي گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيتون ڪيون.

 ان موقعي تي ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو، سيد اعجاز علي شاھ، سليم باجاري، ،پي پي پي اڳواڻ عمير طارق باجاري، امان الله شاهاڻي، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ پڻ ساڻس گڏ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔