متحده عرب امارات ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر، رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا

ابوظهبي: يو اي اي ۾ هڪ ڏينهن جي دوران ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا آهن.عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب صحت واري وزارت جي اختيارين متحده عرب امارات ۾ هينئر تائين هڪ ڏينهن جي دوران سڀني کان وڌيڪ 883 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. صحت واري وزارت جي اختيارين امڪان ظاهر ڪيو آهي ته وڏي انگ ۾ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ ڪورونا جي ٻئي لهر ٿي سگهي.ان کان اڳ دبئي ۾ هڪ ڏينهن جي دوران 20، 19 ۽ 21 مئي تي ڪورونا جا سڀني کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا هئا جنهن کان پوءِ هاڻ چوٿون ڀيرو هڪ ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.متحده عرب امارات جي صحت واري وزارت ڪورونا سبب 2 فوتگين جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 393 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔