عالمي شهرت ماڻيندڙ فٽبالر رونالڊو گولز جي سينچري مڪمل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو

پرتگال: عالمي شهرت ماڻيندڙ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو انٽرنيشنل گولز جي سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي.تفصيل موجب ڪرسٽيانو رونالڊو يوئيفانايشز ليگ ۾ سوئيڊن جي خلاف گول ڪري اهم مقام حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻ هو فٽبال جي دنيا جي عالمي مقابلن ۾ 100 گول ڪندڙ ٻيون ۽ يورپ جو پهريون رانديگر بڻجي ويو.واضح رهي ته ايراني فٽبالر علي داعي انٽرنيشنل ميچن ۾ 109 گول ڪري پهرين نمبر تي آهي. جڏهن ته پرتگال سوئيڊن کي 0-2 تان شڪست ڏني ۽ ٻئي گول رونالڊو جي نالي رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔