بيروت ڌماڪن کانپوءِ لبناني ماڊل پيرس منتقل ٿي وئي

بيروت: لبنان جي ماڊل نور اريدا انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ بيروت ۾ پنهنجي گهر کي ڇڏي فرانس جي راڄڌاني پيرس منتقل ٿي وئي آهي.
ماڊل نور اريدا جو اهڙو فيصلو گذريل مهيني 4 تاريخ تي بيروت ۾ ٿيل تباهي آڻيندڙ ڌماڪن کانپوءِ سامهون آيو آهي.
ياد رهي ته وچ اوڀر جي ملڪ لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ 4 آگسٽ تي ٿيل هانءُ ڏاريندڙ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔