ٽنڊو محمد خان جي دل واري اسپتال ۾ ٻار جي دل ۾ سوراخ وارو پهريون ڪامياب آپريشن ڪيو ويو

ٽنڊو محمد خان :ٽنڊو محمد خان جي دل واري اسپتال ۾ پهريون دل جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو.
خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ شهيد بينظير ڀٽو ڪارڊيو اسپتال ۾ ننڍي عمر جي 3 سالن واري ٻار جي دل ۾ سوراخ وارو پهريون ڪامياب آپريشن ڪري سندس دل سان جڙيل رڳ کي جديد ٽيڪنالاجي واري مشين ذريعي بند ڪري معصوم ٻار جي حياتي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو ويو آهي.
آپريشن ۾ حصو وٺندڙ دل جي مرض جي ماهر ڊاڪٽر ساد بدر، ڊاڪٽر سهيل بنگش، ڊاڪٽر عبدالستار شيخ، ڊاڪٽر حسين بخش ۽ ڊاڪٽر غضنفر شاهه اسپتال جي انتهائي نگهداش آپريشن ٿيٽر ۾ بدين سان تعلق رکندڙ 3 سالن جي ٻار عباس علي ولد منور علي جي دل واري سوراخ جي رڳ جو ڪامياب آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي.
جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مشينري کي پڻ متعارف ڪرائڻ لاءِ آپريشن مڪمل ڪري معصوم ٻار جي حياتي ضايع ٿيڻ کان بچائي ويئي آهي.
ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم اين آءِ سي وي ڊي جي ڪانفرنس هال ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪراچي واري اين آءِ سي وي ڊي جي اسپتال کانپوءِ سکر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي سوراخ جي آپريشن جي سهولت فراهم ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ تمام جلد ٽنڊو محمد خان کانپوءِ حيدرآباد جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ به آپريشن جا انتظام ڪيا ويندا، سنڌ جي سمورن علائقن سان تعلق رکندڙ دل واري سوراخ جي مرض ۾ مبتلا ٻار پنهنجو آپريشن هاڻي آساني سان مفت ۾ ڪرائي سگهن ٿا ، جنهن لاءِ والدين کي پنهنجي گلن جهڙي معصوم ٻارن جي حياتي وقت کان اڳ ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فوري طور دل جي سوراخ جو آپريشن ڪرائڻ گهرجي، ٽنڊو محمد خان جي اسپتال ۾ اوپن هارٽ سرجري لاءِ به اڳ انتظام ڪيل آهن، هاڻي دل واري سوراخ جي آپريشن سان سنڌ جي لکين معصوم ٻارن کي دل واري سوراخ جي مرض مان نجات ڏياري سگهجي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔