عالمي وبا جي ڏينهن دوران به پي سي بي جا شاهي خرچ رڪجي نه سگهيا

لاھور: ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڏينهن دوران به پي سي بي جي شاهي خرچين جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته سڄي دنيا جا بورڊ ڪورونا جي صورتحال دوران يا ته اسٽاف کي گهٽ ڪري رهيا آهن يا وري سندن پگهارن ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب ڪورونا وائرس سڄي دنيا کي سخت متاثر ڪيو آهي. ڪرڪيٽ تي به ان جا گهرا اثر پيا آهن اهوئي سبب آهي ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ سميت ڪيترن ئي بورڊن پنهنجو اسٽاف ۽ پگهارن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هن وبا دوران ڪابه حڪمت عملي نظر نه آئي.
ڏٺو وڃي ته پي سي بي کي في الحال ته مالي مسئلا سامهون ناهن آيا پر اسپانسرشپ رقم ۾ گهٽتائي، آءِ سي سي سان شيئر ۾ دير ۽ ميڊيا رائٽس معاهدي ۾ امڪاني پريشانين سبب مالي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. البته اختيارين ان جي باوجود شاهي خرچيون جاري رکيون آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪجهه وقت اڳ خاموشي سان ڪيترن ئي ملازمن جو پروموشن ڪيو ويو انهن جي گريڊز ۽ پگهارن ۾ به واڌ ڪئي وئي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سميت ايڇ آر ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ به ڪجهه آفيشلز جون ترقيون ٿيون هيون. هن ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ ناهي ٿي رهي. ان جي باوجود هاءِ پرفارمنس سينٽر لاءِ به ڳرين پگهارن تي مقرريون ڪيون ويون آهن ان سڀني پگهارن تي بورڊ جي وڏي رقم خرچ ٿيندي. ڪجهه اڳوڻن ٽيسٽ رانديگرن جي باري ۾ ته عام تاثر اهوئي آهي ته انهن کي ميڊيا ۾ سخت ڳالهيون ڪرڻ کان روڪڻ جي ذميواري ڏني وئي.
ٻئي طرف ڪجهه مهينا اڳ سروسز قانون ۾ به تبديلي ڪئي وئي ۽ گورننگ بورڊ کان به ان جي منظوري به ورتي وئي هئي. ان حوالي سان رابطي تي پي سي جي ترجمان ڪجهه آفيشلز کي ترقي ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هي معمول جي ڳالهه آهي ائين ٿيندو رهندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔