پاڪستاني اداڪاره سونيا حسين سوشل ميڊيا تي بحث کانپوءِ ترڪ فنڪارن جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: اداڪاره سونيا حسين سوشل ميڊيا تي ترڪ فنڪارن جي حوالي سان جاري بحث مان تنگ اچي اپيل ڪئي آهي ته مهرباني ڪري ترڪ فنڪارن جي جان ڇڏيو.
جڏهن کان ترڪي جي مشهور ڊرامي”ارطغرل غازي“ پاڪستان ۾ نشر ٿيو آهي، پاڪستاني عوام ۽ ڪجهه فنڪار ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، جتي تقريبن سمورا پاڪستاني ”ارطثرل غازي“ کي پاڪستاني ٽي وي تي نشر ڪرڻ سان تمام گهڻو خوش آهن، تي ياسر حسين، زالي سرهدي، شان ۽ هدايتڪار سيد نور ڊرامي کي پي ٽي وي تي ڏيکارڻ جا سخت مخالفت آهن.
اداڪاره سونيا حسين سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث مان تنگ ٿي هن انسٽاگرام اسٽوري ۾ ان بحث بابت لکيو”مهرباني ڪري جان ڇڏيو ترڪ ۽ پنهنجن اداڪارن جي، تعريف ڪرڻ سکو، ڪنهن کي گهت ڪري پيش نه ڪيو، نرمي اختيار ڪيو ۽ محبت سان ڳالهايو“ اهڙي خوبصورت ڳالهه سان گڏ سونيا حسين هڪ ايموجي به پنهنجي اسٽوري ۾ استعمال ڪيو جنهن ۾ ٻئي هٿ هڪٻئي سان ٻڌل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔