ڀارتي اداڪارا ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو

ئين دهلي: ڀارتي ٽيلي ويزن جي اڀرندڙ اداڪارا شراوني ڪونڊاپلي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي چڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب تيلگو اداڪارا شراولي ڪونڊاپلي جو ڦاهو کاڌل مڙهه سندس ڪمري جي باٿ روم مان هٿ آيو، هوءَ حيدرآباد جي علائقي مڌرنگر ۾ پنهنجي گھرڀاتين سان گڏ رهندي هئي.
اداڪارا جي گھرڀاتين موت جو ذميوار اداڪارا جي دوست وراج ريڊي کي قرار ڏنو آهي جيڪو مبينا طور تي آپگھات جو اطلاع ملڻ بعد حيدرآباد مان فرا ٿي چڪو آهي ۽ سندس فون به بند آهي.
شراوني جي ڀاءُ پوليس کي ٻڌايو ته وراج ريڊي اداڪارا کي اڻ وڻندڙ تصويرون وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رقم وٺي چڪو آهي ۽ هاڻ وڌيڪ رقم گھري رهيو هو جنهن تي ڀيڻ ذهني دٻاءَ سبب آپگھات ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔