ملڪ ۾ سون جي مُلهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري

ڪراچي :ملڪ ۾ سون جي مُلهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به في تولو سون 3 سئو رپيا سستو ٿيو آهي.

سنڌ سونارا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ 400 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولو سون هڪ لک 13 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جو قدر 343 رپيا گهٽ ٿي 96 هزار 965 رپيا ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به في تولي سون جي قيمت 15 سئو رپيا ۽ 10 گرام سون 1286 رپيا سستو ٿيو هو.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر وڌي هڪ هزار 926 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔