ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: آرمي چيف طرفان جنگي تياريون بهتر ڪرڻ جي هدايت

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جنگي تيارين کي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مخالف عنصرن طرفان هائيبرڊ جنگ جاري آهي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ 235هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ڪور ڪمانڊرز کي لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال، ملڪ ۾ ماڪڙ، ڪورونا، پوليو جي خاتمي، ٻوڏ جي صورتحال سميت علائقائي سلامتي ۽ آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪور ڪمانڊرز کي افغانستان امن عمل، ڏکڻ سرحد سان گڏ ڪنڊيدار تار هڻڻ ۾ اڳڀرائي ۽ آپريشن رد الفساد جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته فورم ايل او سي تي ڀارت طرفان امن معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي جو جائزو ورتو ۽ سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال تي اطمينان ڪيو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جنگي تيارين کي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان مخالف عنصرن طرفان هائيبرڊ جنگ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔