پاڪ فوج هلندڙ سال ڀارت جو 11هون جاسوس ڊرون ڪيرائي وڌو

راولپنڊي : پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي وڌيڪ هڪ ڀارتي جاسوس ڊرون ڪيرائي وڌو

انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي جاسوس ڊرون کي ايل او سي جي چڪوٺي سيڪٽر ۾ ڪيرايو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارتي جاسوس ڊرون 500 ميٽرن تائين پاڪستاني حدن ۾ گهڙي آيو هو، جنهن تي ان کي نشانو بڻايو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب هلندڙ سال پاڪ فوج طرفان ڪيرايل اهو 11هون ڀارتي ڊرون آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔