2 ڀائرن پاڪستان جو پهريون الٽر لائٽ هيلي ڪاپٽر تيار ڪري ورتو

پشاور: پشاور سان تعلق رکندڙ 2 ڀائرن پاڪستان جو پهريون الٽرا لائٽ ( هلڪوترين ) هيلي ڪاپٽر تيار ڪري ورتو .

پشاور جي ڀرپاسي واري علائقي لنڊي ارباب سان تعلق رکندڙ قاضي سجاد احمد ۽ قاضي طفيل احمد هيلي ڪاپٽر جي ڪامياب اڏام جو مظاهرو به ڪيو .

هيلي ڪاپٽر ٺاهڻ جي حوالي سان قاضي سجاد احمد جو چوڻ هو ته انهن 1978 ۾ جيمز بانڊز جي هڪ فلم ڏٺي هئي جنهن کان متاثر ٿي اهو هيلي ڪاپٽر تيار ڪيو آهي .

قاضي سجاد احمد جو چوڻ هو ته الٽرا لائٽ هيلي ڪاپٽرٺاهڻ ۾ 15 لک رپيا خرچ ٿيا ۽ اهو هيلي ڪاپٽر 6 هزارفٽ جي بلندي تائين اڏامي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔