ايل او سي تي ڀارتي جارحيت: فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد

راولپنڊي: ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو حوالدار شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي شعبي موجب ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي بيڊوري سيڪٽر تي بنا سبب فائرنگ ڪئي ۽ پاڪ فوج جي چوڪرين ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻايو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو 39 سالن جو حوالدار لياقت شهيد ٿي ويو جيڪو ضلعي چڪوال جو رهواسي هو پر پاڪ فوج طرفان به ڀارتي جارحيت جو موثر جواب ڏنو ويو جنهن ۾ دشمن جي ڳري جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔