افغان نائب صدر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش، 10 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيندڙ هڪ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
افغان اختيارين موجب ان بم ڌماڪي ۾ ملڪ جي نائب صدر امرالله صالح کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو محفوظ رهيو.
اختيارين جو چوڻ هو ته امرالله صالح جي گاڏين جي قافلي کي اڄ اربع جي صبح ان وقت نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن هو ڪابل جي هڪ علائقي مان گذري رهيو هو.
ان ڌماڪي کانپوءِ امرالله صالح ٽيلي ويزن تي اچي عوام کي ٻڌايو ته هو صحيح سلامت آهي ۽ کيس معمولي زخم رسيا آهن.
واضح رهي ته اهڙي حملي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به قبول ناهي ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔