مودي سرڪار ڪورونا کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام، سڄي دنيا ۾ ڀارت ٻئي نمبر تي اچي ويو

نئين دهلي: ڀارت سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن واري ملڪ ۾ ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 42 لک کان مٿي ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ ڀارت دنيا ۾ ٻئين نمبر تي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ برازيل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو. ڀارت ۾ ڪورونا جا روزاني رڪارڊ 90 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل ڪيسن جو انگ 42 لک کان مٿي ٿي ويو آهي.
ڀارتي صحت واري وزارت موجب سڄي ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن لاڳيتو 90 هزار کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪو سڄي دنيا ۾ هڪ ڏينهن ۾ رپورٽ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ ڪيس آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ڪورونا سبب 1016 ماڻهو فوت ٿيا. ڀارت ۾ هن وقت ڪورونا سبب علاج هيٺ مريضن جو انگ 8 لک 82 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ 32 لک کان وڌيڪ صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 71 هزار 600 کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.
صحت جي عالمي اداري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڀارت ۾ لاڳيتو هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب رياست مهاراشٽرا، آندهرا پرديش، تامل ناڊو، ڪرناٽڪا ۽ اتر پرديش ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔