سعودي عرب فلسطين مسئلي جو شفاف حل چاهي ٿو: شاهه سلمان

رياض: شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سعودي عرب فلسطين مسئلي جو شفاف طريقي سان حل چاهي ٿو.
عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ متحده عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن واري معاهدي، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
عرب ميڊيا موجب آمريڪي صدر سان ڳالهين دوران شاهه سلمان چيو ته سعودي عرب امن جي ڪاوشن لاءِ آمريڪي ڪوششن جي تعريف ڪري ٿو.
سعودي بادشاهه وڌيڪ چيو ته سعودي عرب امن قدمن جي بنياد تي فلسطين مسئلي جو شفاف ۽ مستقل حل چاهي ٿو. جنهن جي لاءِ عرب امن معاهدي جي بنياد کي تصور ڪريون ٿا.
سعودي عرب مذڪوره معاهدو 2002 ۾ تجويز ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل کي ٻن رياستي حل کي تسليم ڪرڻ ۽ 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ قبضو ڪيل زمين تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي آڇ ڪئي وئي هئي.ان کان علاوه ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سال سعودي عرب جي سربراهي هيٺ جي 20 ملڪن جي گروپن تحت ڪورونا وبا کي روڪڻ جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو.
سعودي بادشاهه جي 20 گروپ تحت وبا مان پيدا ٿيندڙ انساني ۽ اقتصادي سطح جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔