ارجن ڪپور کان پوءِ ملائڪه اروڙا جو به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو

ممبئي: ڀارتي فلم انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪار ارجن ڪپور کان پوءِ ان سان گڏ رهندڙ ۽ آئٽم سانگ تي ڊانس ڪندڙ ملائڪه اروڙا جو به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو جنهن کان پوءِ هن معالع جي مشوري کان پوءِ پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب فلم انڊسٽري ۾ ايٽم سانگ تي ڊانس ذريعي شهريت ماڻيندڙ ملائڪه اروڙزا ۽ ان جي ساٿي اداڪار ارجن ڪپور جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي. ملائڪه جي ڀيڻ امرتا اروڙا ۾ به ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. ملائڪه اروڙزا، ارباز خان کان طلاق کان پوءِ ارجن ڪپور سان گڏ نظر ايندي آهي ۽ اهي فواهه به هلي رهيا آهن ته ٻئي تمام جلد شادي ڪرڻ وارا آهن.
سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ جي ذريعي ارجن ڪپور پنهنجي مداحن کي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي آگاهي ڏيندي لکيو آهي ته(اها منهنجي ذميواري آهي ته ان حوالي سان اوهان سڀني کي آگاهه ڪريان. ڪورونا ٽيست پازيٽو اچڻ کان پوءِ معالجين جي هدايت تي مان پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ورتو آهي.) ارجن ڪپور مداحن کي حوصله افزائي ۽ دعائن جو اڳواٽ ٿورو ادا ڪندي وڌيڪ لکيو آهي ته مون کي في الحال ڪابه نشاني ظاهر ناهي ٿي پر ٻين جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي.
پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪندو رهندس. مون کي يقين آهي ته سموري انسانيت هن موذي وائرس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔