عائشه عمر پنهنجي تصوير تي مداحن کي تنقيد ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: اداڪاره ۽ ماڊل عائشه عمر چيو آهي ته مداح مون کي گهٽ اوليت ڏيندا ته به مون کي مزو ايندو. اداڪاره ۽ ماڊل عائشه عمر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ان جي لباس تي مداحن طرفان تنقيد ڪئي پئي وڃي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اداڪاره پاڻ به پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مداح هن تصوير تي مون کي گهٽ اهميت ڏيندا ته به مون کي خراب نه لڳندو پر مزو ايندو. پر سوشل ميڊيا تي ان جي شيئر ڪيل تصوير کي ڪافي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.
هڪ صارف چيو آهي ته ٻئي انڊسٽري جي اداڪارائن تي تنقيد ڪندڙ پهريان پنهنجي اداڪاران کي ڏسن. جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين عائشه عمر کي تهذيب جو سبق به پڙهايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔